انساني حقن جي اڳواڻ ادريس خٽڪ جي آزادي جا امڪان

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ فوجي ڪورٽن ۾ سويلين جا ڪيس هلائڻ کي  غير آئيني قرار ڏنو آهي ۽ آئين جون شقون ٻه ڊي  هڪ ۽ ٻه ڊي ٻه اڏائي ڇڏيون آهن.

نامياري صحافي اسد علي طور سان ڳالهائيندي ڪيس جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته فيصلو ماضيءَ جي ڪيسن تي به لاڳو ٿيندو ۽ انساني حقن واري  تنظيمن جو اڳواڻ ادريس  خٽڪ به آزاد ٿي ويندو.

ادريس خٽڪ ڊي ايس ايف جو ماضيءَ ۾  اڳواڻ رهيو  ۽ کاٻي  ڌر جي سياست سان لاڳاپيل رهيو، ان بعد هو انساني حقن جي تنظيم سان سلهاڙجي ويو. ڪجهه سال اڳ کيس اسلام آباد ڀرسان کنڀي گم ڪيو ويو هو، بعد ۾ کيس فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائي 14 سال سزا ٻڌائي وئي هئي.

اعليٰ عدالت سويلين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ کي غيرآئيني قرارڏنو آهي، ان ڪري ادريس خٽڪ جي آزاديءَ  جا امڪان وڌي وياآهن. فيصلي سان شڪيل آفريديءَ کي به فائدو پهچندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 24 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.