9 مئي واقعن ۾ ملوث عام ڪارڪنن کي معافي ڏني ويندي!

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) 9 ۽ 10 مئي واقعن ۾ ملوث عام ڪارڪنن کي عام معافي ڏني ويندي پر تنصيبات  اندر گهڙي حملا  ڪندڙ  ۽ منصوبابندي ڪندڙن کي معافي نه ملندي .

نامياري صحافي  ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد عام معافيءَ جي ڳالهه خوامخواهه نه ڪئي  آهي. پر کيس ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهائڻ کان منع  ڪئي ويندي.  پر محسوس ٿي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ  ۾ ان بابت غور ڪيو پيو وڃي.

 صحافي موجب، جن جذباتي نوجوان  ڪارڪنن کي گهمراهه ڪري مظاهرن ۾ نيو ويو ۽ بعد ۾ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ فوجي ٺڪاڻن طرف جلوسن کي وٺي ويا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. عام نوجوان ڪارڪن ان کان بي خبر هئا، پر استعمال ٿي ويا انهن کي شايد معافي ڏني ويندي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 24 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.