ڏنڊي جو ڪمال، بلوچستان ۾ ايراني پئٽرول جو اگهه ڪري پيو

لاهور (عوامي آواز نيوز) بلوچستان جي ايراني سرحد سان لاڳاپيل علائقن ۾ پئٽرول سستو ٿي ويو.

ان سلسلي ۾ صحافي رضوان رضي جو چوڻ   آهي ته ايراني پئٽرول جي اسمگلنگ بند ٿيڻ بعد بلوچستان واسي قانوني پرمٽ ذريعي پئٽرول ايران کان خريد ڪري پوري ملڪ ۾ وڪرو ڪندا هئا. ان ڪري پئٽرول بلوچستان جي ايراني سرحدي علائقن ۾ به 224 رپيا في ليٽر هو. پر رياستي ادارن اهو ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو آهي.

هاڻي  ايراني پئٽرول گوادر کان ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن وڃڻ نٿو ڏنو وڃي. ان ڪري بلوچستان ۾ پئٽرول سستو ٿي 140 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي.

ايراني سرحد ڀرسان رهندڙ آبادي کي صرف ذاتي استعمال لاءِ مخصوص حد تائين قانوني پرمٽ ذريعي  ايراني پئٽرول خريد ڪرڻ جو پابند بڻايو ويوآهي،  جنهن ڪري غير قانوني ڪاروبار بند ٿي ويو آهي، ٻنهي ملڪن جا اسمگلر پريشان آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 24 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.