لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران سرڪار العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي سزا معطل ڪري ڇڏي.
پنجاب جي نگران ڪابينا سرڪوليشن ذريعي سزا معطلي جي منظوري ڏني آهي، صوبائي سڌ سماءُ واري وزير عامر مير نواز شريف جي سزا معطلي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
عامر مير موجب، نگران ڪابينا آئيني اختيار استعمال ڪندي سزا معطل ڪئي، ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي سڪيشن 401 تحت نواز شريف جي سزا معطل ڪئي وئي آهي.
سزا معطلي جي درخواست نواز شريف طرفان ڏني وئي هئي.
پنجاب جي نگران سڌ سماءُ واري وزير عامر مير جو چوڻ آهي ته ڪيس جو حتمي فيصلو عدالت ئي ڪندي.
سندس چوڻ هوته ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي سيڪشن 401 تحت حڪومت ڪنهن به ڏوهاري جي سزا معاف ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، نواز شريف جي 2019ع ۾ لنڊن روانگي کان اڳ به سيڪشن 401 تحت سزا معطل ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته 24 ڊسمبر 2018ع تي اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ ست سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي جنهن کانپوءِ نيب اڳوڻي وزيراعظم کي گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو هو.
You might also like