اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف توشا خانا ريفرنس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت نواز شريف جا دائمي وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.
نواز شريف پنهنجي ذاتي اسڪواڊ سان گڏ مري ايڪسپريس وي رستي اسلام آباد پهتو، مريم نواز ۽ سندس وڪيلن ٽيم پڻ ساڻس گڏ هئي.
اڳوڻي وزيراعظم جي پيشي موقعي تي اسلام آباد جڊيشل ڪمليڪس جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي وڌائي وئي.
نواز شريف توشاخانا ريفرنس ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت نواز شريف جي وارنٽ اڄ تائين معطل ڪيا هئا، احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف کي پيشي ٿيڻ لاءِ ڏيڍ وڳي جو وقت ڏنو هو.
نواز شريف جي وڪيل مصباح اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٽي درخواستون داخل ڪيون.
وڪيل طرفان توشاخانا ريفرنس ۾ نواز شريف جي ضم ٿيل پراپرٽي بحال ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي، ٻئي درخواست ڪئي وئي ته توشاخانا ڪيس ۾ نواز شريف جو وڪيل مقرر ڪيو وڃي، عدالت ۾ نواز شريف جا ضمانتي مچلڪا جم ڪرائڻ جي درخواست به داخل ڪئي وئي.
نواز شريف جي ضمانتي طور ن ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري کي مقرر ڪيو ويو.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تي نواز شريف روسٽرم تي اچي حاضري لڳائي، جنهن کانپوءِ جج محمد بشير جي اجازت سان نواز شريف عدالت جي ڪمري مان روانو ٿي ويو.
ان کانپوءِ نواز شريف جو وڪيل محمد عرفان عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت نواز شريف کي ڏهه لک رُپين جي ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي نواز شريف جي قانوني ٽيم ڏهه لک رُپين جا مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.
ان دوران نواز شريف جي وڪيل قاضي مصباح جو چوڻ هو ته جڏهن اوهان حڪم ڪندئو نواز شريف عدالت ۾ پيش ٿي ويندو.
عدالت ملڪيت ضبط ڪرڻ واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ويهه نومبر تي درخواست تي دليل طلب ڪري ورتا.
ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر کي عدالت کي چيو ته نواز شريف سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي سندس وارنٽ معطل ڪريو، وارنٽ معطل ٿيندا ته ٽرائل اڳتي وڌندو.
جنهن تي احتساب عدالت نواز شريف جا دائمي وارنٽ معطل ڪندي توشاخانا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.