” نواز شريف پاڪستان بچائي، ڪنهن جي اشارن تي نه هلي“ خورشيد شاهه جي اپيل

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي اپيل ڪندي ته کي اپيل ڪندس ته ملڪ بچايو، ڪنهن جي اشارن ته نه هلو.

نواز شريف چي چار سالا پاڻمردو جلاوطني کانپوءِ وطن واپسي بابت سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف کي اپيل ڪندس ته ملڪ بچايو، ڪنهن جي مدد سان نه اچو، ڪنهن جي ڪٺ پتلي نه ٿيو.

هن چيو ته اسان جو واضح موقف هو ته نواز شريف لاءِ اليڪشن روڪي وئي آهي، نواز شريف کي هاڻي اعلان ڪرڻ گهرجي ته هو واپس اچي ويو آهي، هاڻي اليڪشن ٿيندي، نواز شريف جيڪڏهن غلط رستي کان آيو ته هو به تاريخ ۾ مثال بڻجي ويندو.

سندس چوڻ هو ته پ پ جڏهن به آئي آهي ته پنهنجو منشور کڻي آئي آهي، اسان وٽ آئين، قانون ۽ شقون موجود آهن، ڪجهه ماڻهن پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ رياستي ادارن کي ساڙايو، ڇا اسان جون سول عدالتون اهڙن ماڻهن کي سزا ڏئي سگهنديون يا کين نظرانداز ڪيو ويندو؟.

هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جڏهن عدالتن اهو چئي ڪيس هلائڻ کان انڪار ڪيو ته اسان تي دٻاءُ آهي، اهو به ڏسڻو پوندو ته وڏن دهشتگردن جا ڪيس به عدالتن مان واپس ڪيا ويا، پر سپريم ڪورٽ جو فيصلو فائنل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.