امجد صابريءَ جي قتل جو مک جوابدار 7 ورهين کانپوءِ ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي پٽيل پاڙي مان سي ٽي ڊي پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو.

سي ٽي ڊي موجب، دهشتگرد قاسم راشد کي ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن عاصم ۽ اسحاق نالي ماڻهن ذريعي امجد صابري کي قتل ڪرايو هو.

اختيارين موجب، گرفتار دهشتگرد رينجرز جي چئن اهلڪارن جي قتل سميت صدر پارڪنگ پلازه ويجهو ٻن فوجي اهلڪارن جي قتل جو پڻ اعتراف ڪيو آهي.

سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جوابدار پڇا ڳاڇا دوران مختلف وارداتن ۾ ملوث هئڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.

سي ٽي ڊي موجب، گرفتار دهشتگرد وٽان ستي بم، پسٽل ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، هو پهريان به گرفتار ٿي جيل ڪاٽي چڪو آهي.

اختيارين موجب، پڇاڳاڇا دوران گرفتار دهشتگرد جيل مان نيٽ ورڪ هلائڻ جو به انڪشاف ڪيو.

ياد رهي ته 22 جون 2016ع تي اٽڪل چئن وڳي قوال امجد صابري تي اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.