ڪاروباري هفتي جي پهرين ئي ڏينهن سون مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ نئين ڪاروباري هفتي جي شروعات تي سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 1250 رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک نوَ هزار ڇهه سئو رُپين جي ٿيو ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت 1072 رُپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 79 هزار 688 رُپين رُپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون نوَ ڊالرز جي اضافي سان 2001 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.