حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊي جو دستوري اجلاس پارٽي چئيرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو چيو ته افغانين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ حڪومتي قدم اڻپورا آھن سرڪاري سطح تي ڪا سنجيدگي نظر نٿي اچي جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران 19 نومبر تي حيدرآباد ۾ گو افغاني گو ريلي ڪڍي مطالبو ورجائينداسين ته سمورا ڌاريان بشمول افغاني ٻاھر ڪڍو سندن شناختي ڪارڊ پاسپورٽ ۽ پراپرٽيون رد ڪريو ڌاريان قبول ناھن سرڪار پنھجي فيصلي تي عمل ڪري.
ھن چيو ته ھن ملڪ جي قائم ٿيڻ کان اڄ تائين اسٽيبلشمنٽ من پسند سياسي چھرا پنھجي قبضي کي ڊيگھ ڏيڻ لاءِ آڻيندي ۽ لاھيندي رھي آھي کين ڪڏھن محب وطن ته ڪڏھن ملڪ دشمن چئي جيل ۽ ڦاھيون ڏنيون وينديون آھن، سنڌ سان ھن ملڪ ۾ ناحق آھي ايوب کھڙي ڄام صادق ۽ آصف زرداري جھڙا بدڪردار سدائين طاقتور قوتن جا ساٿاري ٿي سنڌ جو وجود پٽيندا ۽ کائيندا رھيا آھن.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياھ تي پنجاب جي غير قانوني قبضي 40 لک غير قانوني افغانين جي موجودگي ۽ 76 سالن کان وٺي سنڌ جا مالي توڙي پيداواري وسيلا لٽڻ ۽ ڪرپشن راڄ جي ڪري سنڌ جا ماڻھو ان حالت تي پھتا آھن جو عالمي ادارا ٿا چون ته سنڌ ۾ 72 سيڪڙو ماڻھو ھڪ ويلي جي ماني نٿا کائي سگھن، سڪرنڊ ۾ ماڙي جلباڻي تي حملو ڪري رينجرز ۽ پوليس بيگناھ ڳوٺاڻا قتل ڪيا، ان تي گھرو وزير جو صرف تڏي تي وڃي اعتراف ڪرڻ ۽ معاوضي جو اعلان ڪرڻ ڪافي ناھي.