اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون پروجيڪٽ ڪيس ۾ ملڪ رياض حسين ٻي درخواست داخل ڪئي.ملڪ رياض حسين 460 ارب ادا ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي ۽ هڪ الڳ درخواست ۾ چيو آهي ته بحريا ٽائون ڪراچي منصوبي لاءِ 460 ارب ادا ڪرڻ ناممڪن آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايتري وڏي پئماني تي بحريا ٽائون مارڪيٽ ۾ مقابلو نٿو ڪري سگهي، بحريا ٽائون ڪراچي سان امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي.ذريعن موجب رجسٽرار آفيس بحريا ٽائون جي متفرق درخواست قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ان کان علاوه ملڪ رياض اعتزاز احسن جي بدران وڪيل سلمان اسلم بٽ کي هٽائي ڇڏيو آهي.جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون خلاف ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ڪيس اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيل آهي.
ناليواري صحافي مطيع الله جان چيو آهي ته بحريا ٽائون خلاف اهو معاملو تڏهن اٿيو جڏهن پ پ جي سنڌ سرڪار ايم ڊي اي جي زمين ڀڳڙن مٺ بحريا ٽائون کي وڪرو ڪئي،اها زمين تمام مهانگي هئي، ان زمين جي قيمت اربين رپين ۾ هئي، قيمت تمام گهٽ لڳائي وئي.
سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران زمين جي قيمت 460 ارب رپيا مقرر ڪئي، بحريا ٽائون کي 7 سالن ۾ قسطن ۾ اها رقم ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، برطانوي اداري اين سي اي 50 ارب رپين جي رقم پاڪستان حڪومت حوالي ڪئي.
حڪومت اها رقم ملڪ رياض پاران سپريم ڪورٽ ۾ قسط طور جمع ڪرائي،اهو پئسو سنڌ جي عوام جو آهي، لنڊن ۾ وڪالت ڪندڙ بئريسٽر همايون اختر چيو ته ملڪ رياض جا پئسا برطانيا ضبط ڪيا هئا، برطانوي حڪومت اهي پئسا پاڪستان حوالي ڪيا باقي رقم ملڪ رياض حوالي ٿي ان جو برطانوي سرڪار سان ڪو به واسطو ناهي.
جيڪڏهن برطانوي حڪومت کي خبر هجي ها ته اهي پئسا ملڪ رياض کي واپس ڪيا ويندا ته پوءِ اها قطعي طور پئسا حڪومت پاڪستان کي نه موڪلي ها، برطانيا کي مس گائيڊ ڪري غلط اڪائونٽ نمبر ڏنو ويو، هن چيو ته ان ڪيس ۾ شهزاد اڪبر ڦاسي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو برطانوي شهريت نٿو رکي ته کيس ڊي پورٽ ڪري سگهجي ٿو،
ملڪ رياض قانوني ٽيم تبديل ڪري ڇڏي، اعتزاز ۽ علي ظفر فارغ
سپريم ڪورٽ ۾ اڄ بحريا ٽائون جي قبضن واري ڪيس جي اهم سماعت ٿيندي، ان سلسلي ۾ ملڪ رياض پنهنجي قانوني ٽيم تبديل ڪري ڇڏي آهي.
نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته ملڪ رياض اڄ ڪيس جي سماعت ۾ نواز شريف جي اڳوڻي وڪيل سلمان بٽ جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن جڏهن ته اڳوڻن وڪيلن اعتزاز احسن ۽ سينيٽر علي ظفر کي ڪيس کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته ماضيءَ ۾ اعتزاز احسن ۽ وڪيل علي ظفر بحريا ٽائون جي ڪيس ۾ وڪالت ڪندا رهيا آهن. ياد رهي ته ڪراچي جي ملير ضلعي ۾ قديمي ڳوٺن جي زمينن تي قبضن ۽ ان عيوض اعليٰ عدالت طرفان ملڪ رياض تي 460 ارب رپيا ڏنڊ وجهڻ واري معاملي تي سماعت ٿيندي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 18 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي