اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي ڇڙوڇڙ نالي ماتر قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون جون ڪوششون شروع ڪيون اهن.
نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته علي محمد خان جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي سان رابطو ڪري کيس چيو ويو آهي ته چونڊن کان اڳ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهيون شروع ڪرايون وڃن.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته صدر عارف علوي ڪا ڪوشش ڪري ٿو يا نٿو ڪري ڇو ته عارف علوي ماضيءَ ۾ جيڪي ڪوششون ڪيون انهن کي عمران خان ناڪام بڻايو.
هاڻي به سوال آهي ته ڇا عارف علوي ڳالهيون شروع ڪرايون ۽ معاملا طئه ٿيا ته ڇا عمران خان انهن جي پابندي ڪندو. ڇو ته عمران خان بلڪل به اعتماد جوڳو نه رهيو آهي. نه عارف علوي جو ۽ نه ئي اسٽيبلشمينٽ جو عمران خان تي اعتماد آهي.
ان ڪري نظر نٿو اچي ته اسٽيبلشمينٽ 9 مئي جي واقعن کي وساري پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪندي. جڏهن ته عارف علوي جي به ماضيءَ واري حيثيت نه رهي آهي. ان ڪري نٿو لڳي ته عارف علوي اهڙي ڪوشش ڪندو ۽ ڪوشش ڪندو به ته شايد کيس اسٽيبلشمينٽ ڪا موٽ نه ڏيندي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 18 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي