مُلڪ ۾ سون هزارين رُپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مارڪيٽ سان گڏ گڏ پاڪستان ۾ به سون جي اگهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون ڇهه هزار چار سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک ڇهه هزار پنج سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت پنج هزار چار سئو ستاسي رُپيا واڌ بعد هڪ لک ستهتر هزار چاليهه رُپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 36 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1959 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.