عالمي برداري اسرائيل کي بيگناهه فلسطينين جي قتلِ عام کان روڪي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ غزا جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي سخت مذمت ڪئي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسپتال کي نشانو بڻائڻ غير انساني فعل آهي ڇو  ته عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو.

نگران وزيراعظم فلسطين تي اسرائيل جي انڌاڌنڌ حملا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عالمي برادري تشدد روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻي ذميوارن جو احتساب ڪري ۽ اسرائيل کي بيڏوهه فلسطينن جي قتل عام کان روڪي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.