غزا جي اسپتال تي اسرائيل جي بمباري، پنج سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد، سوين زخمي

غزا ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل طرفان غزا تي وحشياڻي بمباري جاري آهي، صيهوني فوج جي اسپتال تي ڪيل تازي حملي ۾ پنج کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.

اسرائيلي جهازن اسپتال کي نشانو بڻايو جنهن ۾ طبي عملو، مريض ۽ پناهه ورتل عام شهري شهيد ٿيا.

فلسطيني صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي جهازن سينٽرل غزا ۾ موجود اسپتال کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه سئو کان وڌيڪ شهري زخمي پڻ ٿيا، ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ فوتگين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.

فلسطيني صدر پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان

اسپتال تي حملي خلاف فلسطيني صدر محمود عباس ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

محمود عباس فلسطينن جي قتلِ عام خلاف جهنڊو جهڪيل رهندو.

فلسطيني اختيارين جوچوڻ آهي ته غزا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اِها نسل ڪشي آهي، عالمي برادري فلسطينن جو قتلام روڪرائي، خاموشي هاڻ قابل قبول نه آهي.

مصر جي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت

مصر غزا ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪندي عالمي برداري کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته غزا ۾ جاري اسرائيل ظلمن جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ غزا ۾ وڌيڪ تشدد روڪيو وڃي.

گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري موجب، غزا جي پناهگير ڪئمپ ۾ گڏيل قومن جي اسڪول تي به اسرائيل حملو ڪيو جنهن  6 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته فوتگين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.

ڪينيڊين وزيرِاعظم جو ردعمل

غزا ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي تي پنهنجي ردعمل ۾ ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جو چوڻ آهي ته غزا مان ايندڙ خبرون تباهه ڪندڙ آهن، غزا ۾ اسپتال تي حملو ڏاڍو ڀوائتو ۽ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، اسپتال تي حملو ناجائز ۽ غيرقانوني آهي.

ان کانسواءِ اردن ۽ عرب ليگ طرفان به اسپتال تي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

صحت واري عالمي اداري جي سخت مذمت

صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او )غزا ۾ اسپتال تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ٽيڊروس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسپتال تي حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا، ابتدائي طور سوين فوتگين ۽ زخمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، اسان شهرين ۽ طبي مرڪزن جي فوري تحفظ جو گهر ڪيون ٿا ۽ شهرين جي نيڪالي واري وارننگ واپس وٺن جو مطالبو ڪيون ٿا.

غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت فوري روڪي وڃي: ترڪ صدر

ترڪ صدر رجب طيب اردگان غزا جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته غزا ۾ جاري وحشياڻا ظلم فوري روڪيا وڃن،  عورتن، ٻارن ۽ معصوم شهرين تي ٻڌل اسپتالن کي نشانو بڻايو بنيادي انساني قدرن ڀڃڪڙي آهي.

ترڪ صدر چيو ته هو تمام انسانيت کي دعوت ڏئي ٿو ته هو غزا ۾ اسرائيلي ظلمن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻن.

حماس جي اسرائيل خلاف عالمي سطح تي احتجاج جي اپيل

فلسطيني مزاحتمي تنظيم حماس والاريل اولهندي ڪناري رهندڙ فلسطينن سميت سموري دنيا ۾ موجود فلسطينن ۽ مسلمانن سميت آزادي پسند ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسرائيلي بربريت خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائين ۽ تيستائين اِهو سلسلو جاري رکن جيستائين صيهوني فوج پنهنجا فسطائي حربا استعمال ڪرڻ کان نٿي مڙي.

حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيل طرفان فلسطينن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي جنهن کي آمريڪا سميت يورپي مُلڪن جي پٺڀرائي حاصل آهي.

القسام بريگيڊز جو چوڻ آهي ته اسرائيل ميدان ۾ اسان جي ويڙهاڪن جي آڏو ناڪامي تي اسپتالن تي حملا ڪري معصوم ماڻهن کان پلاند وٺي رهيو آهي.

ياد رهي ته غزا تي اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 35 سئو کان وڌي ويو آهي.

فلسطيني صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ ٻارنهن هزار پنج سئو ماڻهو زخمي ٿيا آهن، شهيد ٿيندڙ ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.