نواز شريف جي حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نواز شريف جي وڪيلن اڳوڻي وزيراعظم جي حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيلن ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ دارخواست داخل ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻ لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي، ڪيسز کي منهن ڏيڻ چاهيون ٿا انڪري عدالت تائين پهچڻ لاءِ گرفتاري کان روڪيو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نواز شريف خاص اُڏام ذريعي 21 آڪٽوبر تي اسلام آباد لينڊ ڪندو تنهنڪري عدالت تائين پهچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان درخواستن تي ڪو به اعتراز ناهي واريو ويو ۽ رجسٽرار آفيس حفاظتي ضمانت جي درخواست تي نمبر لڳائي ڇڏيا آهن.

ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 21 آڪٽوبر وطن واپس پهچندو جتي هو مينارِ پاڪستان لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.