غزا جي اسپتال تي اسرائيل جو حملو، آمريڪي صدر جو ردعمل اچي ويو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جو بائيڊن غزا تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته غزا ۾ اسپتال تي ٿيل حملي ۽ جاني نقصان تي ڏکارو آهيان، اسپتال تي حملي جي خبر ٻڌندي ئي اردن جي شاهه عبدالله ٻئين ۽ اسرائيل جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو.

جو بائيڊن چيو ته آمريڪي قومي سلامتي واري ٽيم کي غزا ۾ اسپتال حملي جي معلومات وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا تڪرار دوران شهرين جي زندگين جي تحفظ لاءِ واضح طور بيٺو آهي، ان سانحي ۾ اسان مارجي ويلن يا زخمي مريضن، طبي عملي ۽ ٻين بيگناهه لاءِ سوڳوار آهيون.

ياد رهي ته اسرائيلي فوج غزا تي وحشياڻي بمباري ڪندي اسپتلا کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ پنج سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته عالمي اڳواڻن طرفان حملي جي سخت مذمت ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.