اوپو جي سنگل ڪئميرا واري فون پر فيچر دنگ ڪري ڇڏيندا!

سمارٽ موبائيل فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ”اوپو“ جيڪا بهترين ڪيمرائن وارا فونز متعارف ڪرائڻ لاءِ مشهور آهي، ان حيران ڪندڙ طور تي هن دور ۾ سنگل ڪيمرا فون پيش ڪيو آهي.
اوپو شروع کان ئي دعويٰ ڪندي آهي ته هن جي فونز جي ڪيمرا ٻين فونز جي ڀيٽ ۾ به بهترين هوندي آهي ۽ اها ڪمپني مناسب اگھن جي حوالي سان به شهرت رکي ٿي.
هاڻي ڪمپني هڪ بيڪ ڪيمرا رکندڙ فون ”اوپو اي 2 ايڪس“ فون پيش ڪري ڇڏيو آهي.
”اوپو اي 2 ايڪس“ 56-6انچن واري اسڪرين ۽ 5 هزار ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري سان گڏ متعارف ڪرايو آهي، جيتوڻيڪ ان سان گڏ فاسٽ چارجر به ڏنو ويو آهي، پر ان جي والٽيج جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
فون کي 8 ۽ 12 جي بي ريم جڏهن ته 128 ۽ 256 جي بي ميمون کي ٻن مختلف ماڊلز ۾ پيس ڪيو ويو آهي.
”اوپو اي 2 ايڪس“ ۾ فنگر پرنٽ سينسر ڏيڻ سميت اينڊرائڊ 13 آپريٽنگ سسٽم جڏهن ته ڊائمنسٽي هوليو ٽيڪ جي چپ سان گڏ معتارف ڪرايو ويو آهي.
فون جي سڀ کان ڪمزور ڳالهه ان جي بيڪ تي هڪ ئي 13 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي جڏهن ته ان جي فرنٽ تي به گھڻي گھٽ 5 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي.
جيتوڻيڪ فون ۾ سنگل ڪيمرا ڏني وئي آهي پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان جي سينسرز کي اپگريڊ ڪري ان ۾ هٿرادو ذهانت جا فيچرز به ڏنا ويا آهن.
”اوپو اي 2 ايڪس“ ۾ سنگل ڪيمرا ڏيڻ باوجود ان جي قيمت گھڻي رکي وئي آهي ۽ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري واري مادل جي قيمت پاڪستاني 42 هزار رپيا رکي وئي آهي. اهڙيءَ طرح 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري واري ماڊل جي قيمت 52 هزار رپيا رکي وئي آهي، جنهن يک واهپيدار وڌيڪ قرار ڏئي رهيا آهن.
عام طور تي 52 هزار رپين تائين ٽن بيڪ ڪيمرائن وارا فونز ملي ويندا آهن، پر هن وقت ڊالر جو اگهه وڌڻ سبب ڪجهه موبائلز جي قيمت گھڻي وڌي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.