آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جي ون ڊي پليئرز رينڪنگ ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم سرِ فهرست آهي.

آءِ سي سي طرفان ون ڊي پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، ون ڊي جي درجابندي ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي پهرين جڏهن ته ڀارت جي شُڀمَن گِل ٻئي پوزيشن برقرار آهي.

ون ڊي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪي جو ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ هڪ درجو ترقي کانپوءِ ٽئين نمبر ۽ رسي وين ڊر ڊوسن چوٿين نمبر تي هليو ويو آهي، جڏهن ته قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽر امام الحق ڏهين ۽ فخر زمان 13 هين پوزيشن آهي.

ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي جوش هيزول ووڊ جو پهريون، نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ ٻيون جڏهن ته ڀارت جي محمد سراج جو ٽيون نمبر آهي.

ون ڊي آل رائونڊرز ۾ شڪيب الحسن جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.