آمريڪا – اسرائيل ڳٺ جوڙ: بائيڊن اسپتال حملي ۾ اسرائيل کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيل جي دوري تي پهچي ويو ۽ هن غزا جي اسپتال تي حملي جي ذميواري فلسطيني گروپ تي وجهي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جو بائيڊن جي تل ابيب پهچڻ تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سندس آجيان ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن ڀاڪر به پاتو.
پوءِ اسرائيلي وزيراعظم سان گڏ گفتگو ڪندي آمريڪي صدر کيس مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته واشنگٽن غزا ۾ جنگ دوران اسرائيل کي ان جي دفاع لاءِ سڀ ڪجهه فراهم ڪندو.
هن چيو ته 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ان جنگ ۾ هيل تائين 31 آمريڪي شهري به مارجي ويا آهن.
جو بائيڊن غزا جي اسپتال تي حملي جي ذميواري فلسطيني گرپ تي وجهي ڇڏيو ۽ چيو ته غزا جي اسپتال تي ظاهري طور توهان نه ٻي ٽيم ڪيو پر آمريڪي صدر ان حوالي سان ڪنهن ثبوت جو ڪو ذڪر نه ڪيو.
ان موقعي تي اسرائيلي وزيراعظم چيو ته دنيا حماس کي شڪست ڏيڻ لاءِ لازمي طور تي گڏ ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.