لنڊن( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان اسرائيل پاران فلسطين تي جاري ظلمن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته غزا تي حملن کي روڪڻ لاءِ ڇو ڪجهه نه پيو ڪيو وڃي؟ .
باڪسر عامر خان غزا جي صورتحال تي بيان جاري ڪندي چيو ته غزا ۾ گذريل رات اسپتال تي بمباري جاري ڪئي وئي، معصوم ماڻهن جنهن ۾ ٻار پڻ شامل آهن کين قتل ڪيو پيو وڃي، عالمي اڳواڻن کي غزا تي آواز اُٿارڻ ۽ ايڪشن وٺن گهرجي.
هن چيو ته روز اِهي وڊيوز ڏسي منهنجي دل ٽٽي رهي آهي، بيوس آهيان، ڪڏهن نه سوچيو هو ته زندگي ۾ جنگي ڏوهه ڏسندس.
عامر خان وڌيڪ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي ۽ کيس روڪڻ گهرجي.