غزا جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري تي روس جو سخت ردعمل

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس غزا جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري کي ڏوهه ۽ غير انساني فعل قرار ڏئي ڇڏيو.
روسي پرڏيهي وزارت اسرائيل طرفان غزا جي اسپتال تي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ 500 جانيون ضايع ٿيڻ کي غير انساني فعل ۽ ڏوهه قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل ان حملي ۾ ملوث ناهي ته ان جون سيٽلائيٽ تصويرون لازمي طور جاري ڪري.
روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته وچ اوڀر ۾ تيزيءَ سان پکڙجندڙ صورتحال خطي کان ٻاهر تائين پهچي چڪي آهي، اهو عالمي پئماني تي هڪ عالمي بحران آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.