پ پ ۽ ن ليگ جي غزا جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي سخت مذمت

ڪراچي + لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ پ پ قيادت غزا جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪئي آهي.
ن ليگ اڳواڻ مريم نواز پنهنجي بيان ۾ چيو ته غزا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ظالماڻو، وحشياڻو ۽ غير انساني عمل آهي.
هن چيو ته اسپتالن تي بمباري جنگي ڏوهه آهي، دنيا اسرائيل جي ظلمن تي اکيون نٿي ٻوٽي سگهي، اها چرپائپ هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، ذميوارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به غزا ۾ اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل اسپتال تي حملو ڪري ظلم جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، اهو سڄي انسانيت لاءِ شرم جو مقام آهي.
هن چيو ته اسپتال تي حملي ۾ سوين فلسطينين جي شهادت اسرائيلي ظلم جو چٽو ثبوت آهي، عالمي ادارا اسرائيل جي اڳڀرائي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.