افغان اسمگلرن پاران ڊالر ٻيهر 350 رپيا کان وڌڻ جي دعويٰ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) افغان اسمگلرن دعويٰ ڪئي آهي ته ڊالر 350 رپين کان به مٿي هليو ويندو.

ناليواري صحافي رضوان رضي چيو آهي  ته افغان اسمگلر چئي رهيا آهن ته حافظ صاحب جو جوش ٻه اڍائي مهينا رهندو پوءِ ڊالر ساڳيو مٿي هليو ويندو،هن چيو ته اداري جي سهڪار سان افغان اسمگلنگ ڪن ٿا اهي ان آڌار ئي چئلينج ڪن پيا، آرمي چيف کي اهي چئلينج ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته اڃا ته سعودي عرب ۾ ئي رڳو 12 هزار کان وڌيڪ افغانين جي پاڪستاني پاسپورٽ تي نوڪري حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، 40،50 لک افغاني پاڪستانين جي نالي تي ٻاهرين ملڪ نوڪريون ۽ رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن.

هن چيو ته افغانستان مان آمريڪين جي نڪرڻ بعد ڊالر اچڻ بند ٿي ويا، پاڪستاني معيشت ۾ 18 ارب ڊالر خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهو شارٽ فال گذريل ٽن سالن کان آهي، آمريڪي افغانستان جا معاملا هلائڻ لاءِ 12 ارب ڊالر ڏيندا هئا اهي ڊالر گهمي ڦري پاڪستان پهچي ويندا هئا، هاڻي افغانين هتان به 4 ارب ڊالر جي خريداري شروع ڪري رکي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 18 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.