ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ اوٻاوڙو واسڻ ناري مبينا زيادتي بعد قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال جمالي ڪالوني ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ نياري مبينا زيادتي بعد قتل ٿي وئي.

اوٻاوڙي جي ڳوٺ صابو خان جي رهواسڻ ناري سونيا کي بنگلي جا مالڪ بيهوشي واري حالت ۾ سندس گھر ڇڏي ڏيا جنهن بعد هوءَ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.

فوتي ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته ناري بنگلي تي ڪم ڪندي هئي بنگلي جا مالڪ ناري کي بيهوشي جي حالت ۾ گھر ڇڏي ويا جنهن بعد نياڻي کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايوسين جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.

ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته سونيا جو موت زهر سبب ٿيو آهي شڪ آهي ته سونيا سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس زهر ڏنو ويو آهي.

وارثن جو چوڻ هو ته پوليس اسان سان سهڪار نه پئي ڪري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.