”عمران ٻه ڀيرا ناڪام ٿيڻ بعد پاڪستان کي چيمپيئن بڻايو، بابر جو ته پهريون ورلڊ ڪپ آهي“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ليجنڊري بيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف بابر اعظم جي ڪپتاني کي سپورٽ ڪندي چيو ته بابر پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي ڪپتان بڻيو آهي کيس ڪنهن سفارش يا لاڳاپن جي بنياد تي ڪپتان ناهي بڻايو ويو.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ گفتگو دوران بابر اعظم جي ڪپتاني تي ٿيندڙ تنقيد تي ڳالهائيندي محمد يوسف چيو ته ورلڊ ڪپ دوران بابراعظم جي ڪپتاني تي نه ڳالهايو وڃي، پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان 1983ع ۽ 87 واري ورلڊ ڪپس ۾ ڪپتاني ڪئي پر ٽيم عالمي چيمپيئن نه بڻي، ان کانپوءِ جڏهن ته عمران خان 1992 ۾ ورلڊ ڪپ ۾ ڪپتاني ڪئي ته اسان چيمپيئن بڻياسين.

محمد يوسف ڪپتان کي ساراهيندي چيو ته بابر اعظم هڪ اهڙو ڪپتان آهي جيڪو سفارش تي نه پنهنجي پرفارمنس تي ڪپتان بڻيو، بابر کي لاڳاپن سبب ڪپتان ناهي بڻايو ويو تنهنڪري سٺي رانديگر کي ڊگهي عرصي لاءِ ڪپتاني ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.