اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پينشن کي بجيٽ مان ڪڍي پينشن فنڊ ۾ رکڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي ۽ چيو ته وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ ڳالهين جون تياريون جاري آهن، ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پينشن سڌارن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف پينشن سڌارن ذريعي پينشن فنڊ ۾ گهٽتائي چاهي ٿو، گذريل 12 سالن ۾ پينشن جي بجيٽ ۾ 500 سيڪڙو واڌ ٿي.
آءِ ايم ايف پينشن کي بجيٽ کان ڌار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ تجويز ڏني آهي ته پينشن کي بجيٽ مان ڪڍي پينشن فنڊ ۾ رکيو وڃي، پينشن کي بجيٽ کان الڳ ڪرڻ سان خسارو گهٽجي سگهي ٿو.
آءِ ايم ايف تجويز ڏني ته وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي ۽ پينشنرز کي رڳو هڪ پينشن ڏني وڃي.
You might also like