لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف جي آجيان لاءِ ايندڙن کي برياني ۽ موٽر سائيڪل کانپوءِ جنت جي ٽڪيٽ جي آڇ ڪئي وئي آهي.
چڪن برياني ۽ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل کانپوءِ مينار پاڪستان تي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ن ليگ جي هڪ ٻي آڇ سامهون آئي آهي.
ن ليگ اڳواڻ ڪارڪنن کي جنت جي ٽڪيٽ ڏيڻ لڳو، ڪماليه ۾ ڪارنر ميٽنگ سان خطاب ۾ اڳوڻي ايم اين اي چوڌري اسد الرحمان چيو ته نواز شريف جي آجيان ڪيو ۽ جنت ۾ وڃو.
هن چيو ته نواز شريف جي آجيان لاءِ لاهور ويندڙ سڌا جنت ۾ ويندا.
You might also like