ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آگرا تاج ۾ 96 گزن تي9 ماڙ عمارت مسمار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي الاٽيز جي درخواست به رد ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي علائقي آگرا تاج ۾ 96 گزن تي 9 ماڙ عمارت ٺاهڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 96 گزن جي پلاٽ تي عمارت ٺاهي فليٽ وڪرو ڪيا ويا، عدالتي حڪمن باوجود عمارت بيهاري وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو ته عدالتي موڪلن ۾ بلڊر سڄي عمارت بيهاري ڇڏي، عمارت مسمار ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
عدالت الاٽيز جي وڪيل کان پڇاڻو ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪهڙن بنيادن تي توهان عمارت ۾ فليٽ ورتا؟ جڏهن فليٽ خريد پيا ڪيو تڏهن ڏسي وٺو ها.
You might also like