شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ڀرسان ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد مان هڪ هفتو اڳ اغوا ٿي ويل ايس ايڇ او سندس پٽ ۽ ٽي پوليس اهلڪار راڄوڻي ڪوششن بعد آزاد ٿي ويا.
ذريعن موجب راڄوڻي ڪوششن بعد اغوال ٿي ويلن ايس ايڇ او محبوب بروهي سندس پٽ ۽ ٽن اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي.
بازياب ڪرايل پوليس اهلڪارن ۾ نسيم گوپانگ ۽ ٻيا شامل آهن.
ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي چيو آهي ته مغوين کي ڌاڙيلن سان ڊيل تحت آزاد ناهي ڪرايو ويو.
ذريعن موجب ڌاڙيل ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان کنيل سرڪاري هٿيار به واپس ڪري ڇڏيا آهن.