ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز خبردار ڪيو آهي ته مڪران جي ڏکڻ ۾ 50 ڪلو ميٽر پري سمنڊ اندر ٽيڪٽونڪ پليٽس جنڪشن جي ڀر وارن علائقن ۾ زلزلو ۽ سونامي به اچي سگهي ٿي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عربي سمنڊ ۾ زلزلي جا امڪاني خطرا موجود آهن پر امڪاني خطرن کي ڏسندي زلزلي جي حتمي اڳڪٿي ممڪن ناهي.
هن چيو ته مڪران جي ڏکڻ ۾ 50 ڪلو ميٽر پري سمنڊ اندر ٽيڪٽونڪ پليٽس جو جنڪشن موجود آهي، ان جي ڀر وارن علائقن ۾ زلزلو ۽ سونامي به اچي سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به ان علائقي ۾ 8 شدت جو زلزلو اچي چڪو آهي، اهڙو زلزلو ٻيهر اچڻ تي ڪراچي به سونامي سان متاثر ٿي سگهي ٿو.
سردار سرفراز ٻڌايو ته گذريل ارت ڪراچي جي اوڀر علائقن ۾ 302 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو ۽ اڄ صبح تقريبن 10 وڳي ايران جي سامونڊي شهر بند عباس ۾ 5.3 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو.
You might also like