امام کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ بال تي ڇا پڙهيو؟ پانڊيا نيٺ راز تان پردو کڻي ڇڏيو

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر هاردِڪ پانڊيا پاڪستان خلاف ميچ ۾ اوپنر امام الحق کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ بال کي وات جي ويجهو آڻڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

14 آڪٽوبر تي عالمي ڪپ جي سڀ کان وڏي پاڪ-ڀارت مقابلي دوران ڀارتي آل رائونڊر امام الحق کي آئوٽ ڪرڻ کان اڳ بال وات جي ويجهو آندو، اِهو منظر ائين لڳو ڄڻ پانڊيا بال تي ڪجهه پڙهيو آهي.

اتفاق سان ان ئي بال تي امام الحق آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد هڪ نئون بحث ڇڙي ويو.

آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا کان اسٽار اسپورٽس تي ان بابت سوال ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته حقيقت اهڙو ڪجهه به نه هو پر مان پنهنجي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجي لائين لينٿ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ بال کي وات جي ويجهو آندو.

پانڊيا وڌيڪ چيو ته مون بال وات جي ويجهو آڻي پاڻ کي گاريون ڏنيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.