پاڪ-ڀارت ميچ دوران، هزارين تماشائين جو قيمتي سامان چوري!

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ دوران احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ وڏي انگ ۾ چوري جي وارداتن جو انڪشاف ٿيو آهي.

ورلڊ ڪپ ۾ 14 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ دوبدو هيون جتي ڀارتي ٽيم گرين شرٽس کي آئوٽ ڪلاس ڪري ميچ ست وڪيٽن تي کٽي ورتي هئي.

دنيا جي سڀ کان وڏي ميدان ۾ جتي پاڪ-ڀارت ٽاڪرو جاري هو ميچ ڏسڻ لاءِ آيل ڪرڪيٽ شوقينن جو سامان چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

سوشل ميڊيا تي ڀارتي صحافي وڪرانت گپتا جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن احمد آباد ۾ پاڪ-ڀارت ميچ دوران شوقينن کان موبائيل فون ۽ پرس چوري ٿيڻ جي وارداتن جو انڪشاف ڪيو.

هن ٻڌايو ته سندس دوست جو گرائونڊ ۾ داخل ٿيڻ وقت کيسي مان موبائيل چوري ٿيو جڏهن ته ڪيترن ئي شوقينن موبائيل ۽ پرس چوري ٿيڻ جي شڪايت ڪئي.

وڪرانت گپتا سيڪيورٽي اختيارين کي نتقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ايڏي ويڏي هجوم کي سنڀالڻ ۾ بد نظمي سيڪيورٽي مسئلا پيش اچي سگهن ٿا پر گرائونڊ ۾ چوري ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

واضح رهي ته ڀارتي شهر احمد آباد ۾ نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ پاڪ-ڀارت ميچ ڏسڻ آيل ماڊل ۽ ادڪارا اورشي روٽيلا به پنهنجي مهانگي ترين آءِ فون کان محروم ٿي وئي هئي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي اروشي روٽيلا طرفان پوسٽ ڪندي مداحن کان مدد جي درخواست ڪئي وئي هئي.

به ڏسي سگهو ٿا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.