دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان سمون استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي ۽ ڀتي خوري جي واقعن ۾ گهڻي ڀاڱي افغان سمن جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي.
دهشتگردي ٽوڙ کاتي هلندڙ سال خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي جي واقعن تي رپورٽ جوڙي ورتي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪي پي ۾ دهشتگردي، ڀتي خوري جي واقعن ۾ گهڻي ڀاڱي افغان سمون استعمال ٿينديون آهن، صوبي ۾ دهشتگردي جا 830 ڪيس داخل آهن.
رپورٽ موجب سي ٽي ڊي 601 ڪيسن کي ٽريس ڪيو ۽ هڪ هزار 982 جوابدار سڀني ڪيسن ۾ نامزد ٿيا، جن مان 500 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 216 آپريشنز ۾ مارجي ويا.
سي ٽي ڊي چيو آهي ته 32 ڪيسن ۾ جوابدارن کي عدالت مان سزائون ٿيون ۽ ڀتي خوري جا 80 ڪيس داخل ڪيا ويا، جنهن ۾ 47 ٽريس ٿي ويا آهن.
ڀتي خوري ۾ 197 جوابدار نامزد آهن ۽ 90 هيل تائين گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته ڀتي خوري ۾ ملوث 5 گروپن جو خاتمو ڪيو ويو.
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمران شاهد جو چوڻ آهي ته ڀتي ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان سمون استعمال ٿينديون آهن، افغان سمن تائين پهچ ۾ ادارا مسئلن کي منهن ڏيندا آهن پر سي ٽي ڊي کي ڀتي جي ڪالز تي جلد کان جلد ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.