پي ايس ايل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت ڪوچ مقرر

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت ڪوچ جي مقرر ڪئي وئي آهي.

پي ايس ايل جي ٽيم ملتان سلطانز آئرلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪيٿرين ڊالٽن کي فاسٽ بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ هوءِ پي ايس ايل جي تاريخ جي پهرين وومين ڪوچ بڻجي وئي آهي.

ان کانسواءِ ڪيٿرين ڊالٽن ٽاپ ليول پر مينز ٽيم جي پهرين عورت ڪوچ پڻ آهي.

ڪيٿرين ڊولٽن
ڪيٿرين ڊولٽن آئرلينڊ لاءِ چار ون ڊي ۽ چار ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏي چڪي آهي

انگلينڊ ۾ جنم وٺندڙ ڪيٿرين ڊالٽن 2015ع ۾ آئرلينڊ جي شهريت حاصل ڪئي.

ڪيٿرين چئن ون ڊي ۽ چئن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشل ميچن ۾ آئرش ٽيم جي نمائندگي ڪئي.

ٻه ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪندڙ ڪيٿرين ڏکڻ پنجاب ۾ فاسٽ بالرن سان ڪم ڪري چڪي آهي.

ڪيٿرين ڊالٽن آءِ سي بي ليول ٿري ايڊوانس ڪوچ آهي جڏهن ته هوءَ انگلينڊ ۾ نيشنل فاسٽ بالنگ اڪيڊمي ۾ به ڪوچنگ جا فرض انجام ڏئي چڪي آهي.

ڪيٿرين ڊالٽن پيس فائونڊيشن ۾ ڀارت جي ديپڪ چهار جهڙن بالرن ساڻ به ڪم جو تجربو رکي ٿي.

پي ايس ايل ۾ ڪوچنگ جون ذميواريون ملڻ تي ڪيٿرين ڊالٽن پنهنجي بيان ۾ چيو ته هوءَ ملتان سلطانز سان پي ايس ايل ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي.

هن چيو ته هوءَ ان کان اڳ به ملتان سلطانز سان گڏ ڪم ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.