75 رپين جي نيري ۽ سائي نوٽ بابت اسٽيٽ بئنڪ جو اهم بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ 75 رپين جي نيري ۽ سائي نوٽ بابت وضاحت ڪري ڇڏي، مرڪزي بئنڪ ايڪس پيغام ذريعي وضاحت جاري ڪئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ واضح ڪيو آهي ته 75 رپين جي نيلي ۽ سائي رنگ وارا بئنڪ نوٽ قانوني آهن.
مرڪزي بئنڪ ايڪس پيغام ۾ چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڏي وٺ لاءِ 75 رپين جا نيري ۽ سائي رنگ جا نوٽ استعمال ڪري سگهجن ٿا.

وضاحتي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل يادگاري نوٽ سميت سمورا بئنڪ نوٽ پاڪستان ۾ هر قسم جي ڏي وٺ لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.