ن ليگ جون عورتون ڪهڙا ڪپڙا پائينديون؟ نوان لباس تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي 4 سالن کانپوءِ لنڊن مان وطن واپسي تي ن ليگ قيادت ڀرپور توجهه ڏني آهي، استقبال جي تيارين سان گڏوگڏ پنهنجون تياريون به مڪمل ڪري ورتيون آهن.

مسلم ليگ (ن) پاران 21 آڪٽوبر تي نواز شريف جي وطن واپسي جي موقعي تي مينار پاڪستان تي جلسو ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ خاص ڪپڙا پڻ تيار ڪيا ويا آهن.

ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي پنجاب اسيمبلي حنا پرويز بٽ 21 آڪٽوبر لاءِ خاص ڪپڙا تيار ڪيا آهن، جن تي نواز شريف جي تصوير آهي، اهي ڪپڙا پارٽي اڳواڻن کي ڏنا ويندا.

حنا پرويز بٽ موجب پارٽي جون عورتون نواز شريف جي تصوير وارا ڪپڙا پائينديون، جڏهن ته يوٿ ونگ جا نوجوان نواز شريف جي تصوير واريون شرٽس پائيندا.

هن چيو ته اهي ڪپڙا خاص ڪري 21 آڪٽوبر لاءِ تيار ڪيا ويا آهن، ان کان اڳ گوجرانوالا جلسي ۾ به نواز شريف جي تصوير وارا ڪپڙا تيار ڪيا ويا هئا.

مريم نواز کي اهڙو سوٽ پهريل هو جنهن تي نواز شريف جي تصوير لڳل هئي ۽ ٻين عورتن جي اڳواڻن به اهڙو ئي لباس پهريو هو.

حنا پرويزبٽ چيو ته هن ڀيري به اسان جي تياري مڪمل آهي. مان پاڻ نواز شريف جي تصوير وارو لباس پهريندس.

ان جو سبب بيان ڪندي هن چيو ته ليڊر سان محبت جو اهو منفرد انداز آهي ته توهان پنهنجي ليڊر جي نالي يا تصوير وارا ڪپڙا پهريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.