فتح کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: القدس بريگيڊ جو اسرائيل کي واضح پيغام

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جون غزا تي وحشياڻيون ڪارروائيون جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ القدس بريگيڊ جي ترجمان اسرائيل کي واضح پيغام ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ابو حمزا چيو آهي ته دشمن سڀني اصولن کي پٺي ڏيندي نفرت ۽ انتقام کي انتها تي پهچائي ڇڏيو آهي، اهڙيون ڪارروائيون اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.
هن چيو ته اسان وٽ فتح کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، اسان جو دشمن اسان کي حملن سان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان کي ٻڌائي ڇڏيون ته اسان توهان کي گهر ۾ گهڙي شڪست ڏني آهي ته سوچيو اڳتي ڇا ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.