واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) حماس اسرائيل تڪرار تي آمريڪي حڪمت عملي يا يوٽرن؟ آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيل کي غزا تي قبضو نه ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.
هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته غزا تي ٻيهر قبضو اسرائيل جي وڏي ڀُل هوندي پر حماس جو مڪل طور تي خاتمو ڪرڻ به ضروري آهي.
هن چيو ته فلسطيني رياست لاءِ هڪ رستو هجڻ گهرجي، جلد اسرائيل جو دورو ڪرڻ تي به غور ڪري رهيو آهيان.
واضح رهي ته جو بائيڊن فلسطيني صدر محمود عباس سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو هو، جنهن ۾ هن چيو ته حماس فلسطينين جي حقن جي ترجماني نه پئي ڪري.
You might also like