اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ۾ پنجاب صوبي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
ڀارت ۾ حادثو، 12 ڄڻا اجل جو شڪار
نئين دهلي(م ڊ)ڀارت جي رياست مهاراشٽرا ۾ تيز رفتار مني بس ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 23 زخمي ٿي پيا آهن. چين جي خابرو اداري مطابق مقامي پوليس ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته اهو حادثو ممبئي کان اٽڪل 268 ڪلوميٽر اوڀر ۾ ڇتر پتي جي ضلع سمڀاج نگر جي علائقي ويجاپور ۾ سمرڌي ايڪسپريس وي تي پيش آيو.
پيٽرول ۽ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جو منافعو وڌڻ جو امڪان
اسلام آباد (م ڊ ) پيٽرول ۽ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جو منافعو وڌيڪ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب 16 آڪٽوبر کان آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي منافعي ۾ 88 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز آهي. پيٽروليم ڊويزن ذريعن موجب آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي منافعي ۾ 47 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز منافعي ۾ في ليٽر 41 پئسا واڌ جي تجويز آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته او ايم سي ۽ ڊيلرز مارجن 16 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر تي به وڌايو ويو آهي.ذريعن موجب ان وقت في ليٽر پيٽرول تي آئل مارڪيٽن ڪمپنيون 6 رپيا 94 پئسا منافعي وٺي رهيون آهن، في ليٽر پيٽرول تي ڊيلرز 7 رپيا 82 پئسا منافعو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته في ليٽر ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپني جو منافعو 7 رپيا 8 پئسا لاڳو آهي، هن وقت في ليٽر ڊيزل تي ڊيلرز مارجن 7 رپيا 82 پئسا وصول ڪيو پيو وڃي.
نواز شريف جي ڏيهه واپسي، ن ليگ کي جلسي اجازت ملي وئي
لاهور ( م ڊ ) لاهور جي ضلعي انتظاميا پاڪستان مسلم ليگ ن کي 21 آڪٽوبر تي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جتي اڳوڻو وزيراعظم ۽ پارٽي سربراهه نواز شريف ڏيهه واپسي جي موقعي تي خطاب ڪندو.14 آڪٽوبر تي جاري ڪيل خط ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاهور مسلم ليگ ن جي ترجمان بلال ياسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته منتظمين حلف نامو جمع ڪرائين ته هو ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ ذميواري قبول ڪن، جنهن کانپوءِ مقرر هنڌ تي جلسي جي اجازت ڏني وئي آهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي مينار پاڪستان لاهور ۾ جلسي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اجازت ڪجهه شرطن جي بنياد تي ڏني وئي آهي، جن ۾ ايمرجنسي نڪرڻ جو رستو ۽ پوليس سان سهڪار شامل آهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته آئيني ادارن، هٿياربند فوج، عدليه، باهه ۽ ڪنهن به قسم جي منع ٿيل نعرن کان پاسو ڪيو وڃي.
ٻهراڙي جي عورتن کي بااختيار بڻائڻو پوندو: پرويز اشرف
اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف ٻهراڙي جي عورتن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ٻهراڙي جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ کان سواءِ پائيدار ترقي جي حاصلات ممڪن ناهي، زراعت، غذائي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي ۾ ٻهراڙي جي عورتن جو مک ڪردار آهي، ٻهراڙي جي ترقي سميت زندگي جي هر شعبي ۾ ٻهراڙي جي عورتن جو ساراهه جوڳيون خدمتون آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران جاري پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ٻهراڙي جون عورتون اسان جي معاشرن ۽ معيشتن جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ٻهراڙي جي عورتن جي فلاح بهبود لاءِ ضروري آهي ته انهن جي معيشت ۾ شراڪتداري کي تسليم ڪيو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي 15 آڪٽوبر کي ٻهراڙي جي عورتن جو ڏينهن قرار ڏنو هو. راجه پرويز اشرف چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ٻهراڙي جي عورتن جي ڏينهن کي اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٻهراڙي جي عورتن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي
سي پيڪ لکين پاڪستانين جي زندگين تي اڻمٽ مثبت اثر وڌا: مرتضيٰ سولنگي
اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي، ته سي پيڪ لکين پاڪستانين جي زندگين تي اڻمٽ مثبت اثر وڌا، سي پيڪ اسان جي عوام لاءِ ترقي جون نيون راهون کوليون، پاڪستان ۽ چين هن تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن، سي پيڪ جا نه رڳو چين ۽ پاڪستان پر ايران، افغانستان، وچ ايشيا سميت سڄي خطي تي مثبت پوندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن سي پيڪ اينڊ ماءِ لائيف جي موضوع تي رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت لاءِ چين جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ قيادت وچ ۾ چين ۾ ٿيندڙ رابطا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ نئين بلندين تائين پهچائيندا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته سي پيڪ ماڻهن جي زندگين تي اڻ مث اثر وڌا آهن، لاهور ۾ اورينج ٽرين، سنڌ ۾ ٿر ڪول ۽ بلوچستان ۾ گوادر جهڙا منصوبا عوام لاءِ بي پناهه فائديمند ثابت ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل قائم ڪئي آهي. هن چيو ته سي پيڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. پاڪستان کاڻين جي کوٽائي، زراعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته روڊ، ريل، فضائي، ٽرانسپورٽيشن جي نظام ذريعي جاگرافيائي رابطا وڌڻ سان ماڻهن جو ماڻهن تائين رابطي ۽ ثقافت کي هٿي ملندي. جڏهن ته ڪاروبار جي وڌيڪ ڳاڻيٽي جي نتيجي ۾ هم آهنگي ۽ پائيدار ترقي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري، گلوبلائيزڊ دنيا ۾ اقتصادي ترقي طرف گامزن آهي. هي آئيڊيل امن ۽ ترقي سڀني جي لاءِ ماڊل تي ٻڌل آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس قاضي چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري، سي پيڪ صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو (بي آر آءِ) جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون جي علامت آهي.
ڪمشنر ڪراچي پاران گيهه ،کاڄرو تيل ، اٽي اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي قائم
ڪراچي(رپورٽر)ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت گيهه ،کاڄرون تيل ، اٽي ،نان، ماني ،شيرمال ،تافتان جون قيمتون مقرر ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي. ڪاميٽي جو سربراهه ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل فواد غفار سومرو هوندو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ملير ڪيپٽن سعيد لغاري ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي سيد جواد مظفر ميمبر هوندا. ڪمشنر ڪراچي جي آفيس مان جاري پريس رليز موجب اهو فيصلو ڪمشنر ڪراچي ڪمشنر آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو آهي جنهن ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن ،ناليوارو صنعتڪار محمود مولوي ،خوراڪ کاتي جي عملدارن ،ڪنزيومر رائٽز ڪاميٽي جي چيئرمين شڪيل احمد کان علاوه نويد احمد طاهر،محمد عمران ،ناصر سليم، شيخ عمر ريحان ۽ ٻيا واپاري اڳواڻ به موجود هئا. ڪمشنر ڪراچي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ڪراچي جي عوام کي جائز ۽ مناسب قيمت تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون وڃن.هن چيو ته آئون هر حال ۾ قانون جو سهارو وٺندي عوام کي مناسب قيمتن تي کاڌي پيتي جي شين جي وڪري تي عملدرآمد ڪرائيندس.
شهباز شريف پاران اسرائيلي بمباري جي مذمت
لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف اسرائيلي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عالمي برادري کان مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي. شهباز شريف سوين ٻارڙن سميت 2 هزار کان وڌيڪ شهادتن تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صهيوني رياست عالمي قانون ۽ انسانيت جي لتاڙ ڪئي آهي. هن چيو ته عالمي برادري ۽ سلامتي ڪائونسل فلسطين جي آزاد رهڻ ۽ جيئڻ جي قانوني حق جي تحفظ ۽ پاسداري کي يقيني بڻائي، ٻي صورت ۾ دنيا خاڪ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويندي، جيڪڏهن ڪائونسل پنهنجي قراردادن تي عمل ڪري ها ته اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها. هن وڌيڪ چيو ته اسپتالن، اسڪولن ۽ عام آبادي تي بمباري ڪرڻ جنگ ناهي، اهو کليل ظلم ۽ بربريت آهي، اسپتالن کي خالي ڪرڻ، صحافين کي نشانو بڻائڻ قتل عام جي اجازت ڏيڻ برابر آهي. شهباز شريف چيو ته اسلامي تعاون تنظيم، او آءِ سي جي پليٽ فارم تان فلسطينين لاءِ پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن جي فوري فراهمي شروع ڪئي وڃي ۽ سمورن اسلامي ملڪن کي او آءِ سي جي پليٽ فارم تان امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته بي گهر فلسطينين لاءِ پناهه گاهون، عورتن، ٻارن ۽ ڪمزورن لاءِ کاڌو ۽ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن.