ڪراچي ( رپورٽر ) جماعت اسلامي پاران ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي لبيڪ اقصيٰ مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن، ٻارن، بزرگن، نوجوانن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مارچ ۾شرڪت ڪندڙن آمريڪي ۽ يهودي سازشن خلاف فلسطيني مسلمانن ۽ حماس جي مزاحمت کي ڀيٽا پيش ڪندي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق غزه مسئلي تي ايران جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته مسلمان ملڪن جا حڪمران غزا جي ملبي جو ڍير ٿيڻ جو انتظار نه ڪن، ايران غزا مسئلي تي شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي. سراج الحق وڌيڪ چيو ته غزا جا مجاهد اسان جو روشن مستقبل آهن، اسرائيل جي شڪست يقيني آهي، غزا تي روز بمباري ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ هزارين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته غزا ۾ ٻارن کي دفن ڪرڻ جو وقت نه ڏنو پيو وڃي، کين اجتماعي طور دفنايو پيو وڃي، غزا جون مائرون ۽ ڀينرون اسرائيلي فوج جي مزاحمت لاءِ تيار آهن. محمد بلال چيو آهي ته ڪراچي جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سندن دليون مسلمانن ۽ فلسطينين سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، مارچ کي ڊاڪٽر اساما رضي، موقعي تي مجلس وحدت المسلمين جي علامه باقر زيدي، ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي صدر عامر سليم، تاجر اڳواڻ جنيد برفت، اسلامي جميعت طلبه ڪراچي جي ناظم محمد بلال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي اسد الله ڀٽو، اسلم ڀٽي، اسلم خان، محمود حامد، جماعت اسلامي اقليتي ونگ جو صدر يونس سوهن ايڊووڪيٽ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.