والاريل بيت المقدس(م ڊ) غزا تي اسرائيل جي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، 24 ڪلاڪن دوران غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 300 فلسطيني شهيد ۽ 800 زخمي ٿي پيا.غزا تي اسرائيل جي حملن جو اڄ 9 هون ڏينهن آهي.اسرائيلي فوج دوکي تي لهي آئي، اتر غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙن کي محفوظ رستو ڏيکاريو، مهلت دوران بيگناهه فلسطينين تي بارود جي برسات ڪري ڇڏي، رستي ۾ ئي عورتن ۽ ٻارن سميت 250 فلسطيني شهيد ٿي ويا. آمريڪي براڊ ڪاسٽنگ اداري اسرائيل جي محفوظ لنگهه جو ڪوڙ بي نقاب ڪري ڇڏيو، اسرائيلي فورسز ايمبولينس جي عملي کي به نشانو بڻايو، ڌماڪي کانپوءِ جا دل ڏاريندڙ منظر ڪيمرائن ۾ قيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج پاران غزا تي فضائي ۽ سامونڊي حملي کانپوءِ زميني حملي جون تياريون جاري آهن، اسرائيلي وزيراعظم جنگ جي ايندڙ مرحلي جي ڌمڪي ڏني آهي.غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 2329 ٿي ويو آهي، حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جا لاش رکڻ لاءِ اسپتالن جي مرده خانن ۾ جاءِ گهٽ ٿي وئي، عرب ميڊيا موجب شهيدن جا لاش آئس ڪريم ٽرڪ ۽ فرج ڪارن ۾ رکيا پيا وڃن.غزه جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ 9 هزار 714 فلسطيني زخمي ٿيا آهن.ٻئي طرف اسرائيل-لبنان سرحد تي ڇڪتاڻ کانپوءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن، هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب حماس جي حملن ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 1400 کان وڌي ويو آهي،