يروشلم ( م ڊ ) حماس پاران اسرائيل تي حملن جي هڪ هفتو کانپوءِ اسرائيل جي هڪ سينئر انٽيليجنس اهلڪار خبرداري ۾ غلطي جو اعتراف ڪيو آهي. عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب زچي هينگيبي نالي سيڪيورٽي ايڊوائزر کان پريس بريفنگ دوران پڇيو ويو ته ڇا اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسين کي ان حملي جي خبر نه پئي؟ جواب ۾، هن تسليم ڪيو ته اها سندس غلطي هئي زچي وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته حماس ماضي ۽ خاص طور تي 2021 جي جنگ مان سکيو هوندو، پريس بريفنگ ۾ زچي حماس سان قيدين جي معاهدي لاءِ ڳالهين کي رد ڪندي چيو ته دشمن سان ڳالهين جو ڪو به طريقو ناهي جنهن کي اسان ختم ڪرڻ جو قسم کنيو آهي. واضح رهي ته اسرائيلي فوج غزا تي ٽن طرفن کان حملن جي ڌمڪي ڏني آهي، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته ايندڙ قدم جو وقت اچي ويو آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته غزا تي زميني، هوائي ۽ سامونڊي رستن کان جلد حملو ڪيو ويندو، آپريشن ۾ گهڻو وقت لڳندو، اتر ۾ اسان جي فوج مڪمل تيار آهي.