بنا ڪنهن فرق کي سمورن غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻو پوندو: جليل عباس

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پرڏيهي معاملن بابت نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان غزا تي قبضي ۽ اسرائيلي جارحيت جي پرزور مذمت ڪندي فلسطينين جي خوداراديت واري حق جو مطالبو ڪري ٿو. اسلامي تعاون تنظيم  جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هنگامي اجلاس 18 آڪٽوبر تي ٿي رهيو آهي، پاڪستان جو هميشھ کان فلسطين مسئلي تي واضح موقف رکيو آهي، شهري آبادي تي حملن ۽ غزه جي گهيراءَ جي پرزور مذمت ڪيون ٿا. اسرائيل عالمي قانون جي پاسداري ۽ انساني حقن جو احترام يقيني بڻائي. اسرائيل ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطينين تي ظلم ڪري رهيو آهي. اسرائيل فلسطين بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن جو احترام ڪري. پاڪستان 1967ع کان پهرين جون سرحدون، القدس شريف گادي واري شهر سان گڏ آزاد فلسطيني رياست چاهي ٿو. نگران وزيراعظم انوار الحق چين جي صدر جي دعوت تي  ٽين بي آر ايف فورم ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، ان دوري سان پاڪ چين سهڪار ۾ اضافو ٿيندو، سي پيڪ سان خطي جا ٻيا ملڪ به فائدو کڻندا، گرين انرجي، اسپيس ٽيڪنالاجي، زرعي شعبن بابت مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون به ڪيون وينديون، هن چيو ته فلسطين اسان لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ اسرائيل طرفان سول آبادي تي جارحيت سان ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻار فوت ٿي چڪا آهن، اسان غزا جي ناڪابندي جي مذمت ڪيون ٿا، غزا جي عوام کي پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن سميت بنيادي ضرورتن جي شديد کوٽ درپيش آهي. فلسطيني عوام کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جو پورو حق آهي.اسرائيل ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته 1967ع کان اڳ جي فلسطيني رياست کي تسليم ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان غزا۾ انساني امداد جي حوالي سان گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ان مسئلي کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته اجلاس م تازي صورتحال جي حوالي سان او آءِ سي جي ڪردار، اسرائيلي تشدد جي خاتمي ۽ انساني امداد جي حوالي سان غور ڪيو ويندو. پاڪستان غزه جي فلسطيني ڀائرن جي هر طرح جي امداد لاءِ تيار آهي ۽ پاڙيسري ملڪن سان رابطي م آهي ته جيئن انساني همدردي جي بنياد تي امداد پهچائي سگهجي. هن چيو ته اسان تازي فلسطيني مسئلي سان گڏوگڏ ٻين عالمي معاملن بابت به او آءِ سي ميمبرن سان مشاورت ڪنداسين. پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن جي حوالي سان حڪومت فيصلو ڪيو آهي، ۽ بنا ڪنهن فرق کي سمورن غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻو پوندو.هن چيو ته هي هڪ گڏيل فيصلو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پريشان نه ڪيو ويندو. هن چيو ته بي بنياد خبرن ۽ افواهن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته  پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ويجها لاڳاپا آهن ۽ اسان اهم مسئلن تي هڪ ٻئي سان مشاورت ڪندا آهيون. ٻن خودمختيار ملڪن وانگر گڏيل سهڪار ڪيو ويندو آهي، اسان جا انتهائي ويجها معاشي، دفاعي ۽ تزويراتي لاڳاپا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.