اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ملڪ جي ناميارن صحافين سيد عمران شفقت، وجاهت مسعود ۽ گوهر بٽ کي حڪومت پي ٽي وي ۾ ملازمت ڏئي ڇڏي آهي. نامياري صحافي افتخار ڪاظمي جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل صحافي 2018ع ۾ عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ واري عمل تي تنقيد ڪندا رهيا جنهن ڪري مختلف ادارن مان کين نيڪالي ڏني وئي هئي ۽ بيروزگار هئا. ان دوران هو يو ٽيوب تي پنهنجا وي لاگ ڪندا رهيا آهن. نگران حڪومت کين تازو پي ٽي وي تي ملازمت ڏني آهي جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته ٽئي انتهائي تجربيڪار ۽ محنتي صحافي آهن.