سعودي پرڏيهي وزير جو چيني هم منصب سان رابطو، غزا جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه

رياض (م ڊ) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيني هم منصب وانگ يي سان ٽيليفون تي رابطوي ۾ غزا ۽ پسگردائي جي تازي  صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي خابرو اداري مطابق ٽيليفون تي رابطي ۾ بنهي پرڏيهي وزيرن غزا جي تازي صورتحال ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل عالمي ڪوششن جون جائزو ورتو. سعودي پرڏيهي وزير فلسطيني شهرين کي نشانو بنائڻ کان روڪڻ جي اهميت ۽ سمورن جهيڙيندڙ ڌرين تي طئي ٿيل عالمي انساني قانونن جي پاسداري تي زور ڀريو. شهزاده فيصل چيو ته چين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر جي حيثيت سان ان ڳالهه کي يقيني بڻائن لاءِ ڪردار ادا ڪري هن فوري طور فوجي ڪارروائيون بند ڪرڻ ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ تي پڻ زور ڀريو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.