گورنر ڪي پي جي سرڪاري هيليڪاپٽر ۾ مائٽن سان سفر جي وڊيو وائرل

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي جي سرڪاري هيلي ڪاپٽر ۾ مائٽن ۽ پارٽي ڪارڪنن سان گڏ سوات وڃڻ جي وڊيو وائرل  ٿي وئي آهي.گورنر ماضي ۾ صوبي ۾ ٻن هيلي ڪاپٽرن جي غير قانوني استعمال جي بل تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.سوات جي دوري تي گورنر سرڪاري هيلي ڪاپٽر ۾ سندس 2 پوٽن ۽ واپاري مائٽن سان گڏ هو، واپسيءَ تي پارٽي جو هڪ ڪارڪن به سندس ٻارن سميت هيلي ڪاپٽر ۾ ساڻس گڏ هو.ذريعن موجب ڪجهه هفتا اڳ باجوڙ جي دوري دوران گورنر پنهنجي مائٽ جي ٻارڙي کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو.ان حوالي سان ڪي پي جي گورنر حاجي غلام علي جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ٻار موڪلن تي هئا ۽ کين هيلي ڪاپٽر ۾ ساڻ کڻي ويس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.