”سنڌ عالمي يتيم خانو ناهي“ بدين ۾ عوامي تحريڪ پاران ڌارين خلاف ريلي

بدين(رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) افغانين سميت سمورن غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي، وسيلن جي ڦرلٽ، ڊجيٽل آدم شماري، ڌاڙيل راڄ، دريا تي ڊيمن،ڪئنالن، بئراجن، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، پاڻي جي هٿرادو کوٽ، منشيات فروشي، فصلن جا مناسب  اگهه نه ملڻ  ۽ سامونڊي پٽي تي قبضي خلاف عوامي تحريڪ پاران بدين ۾ هزارين ماڻھن جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شريڪ. ريلي ۾ سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور، افغاني سمورانامنظور، زمينن تي قبضابند ڪريو، ڪارونجھر ڪٽڻ بند ڪريو، کير ٿر تي قبضو نامنظور، وسيلن جي ڦرلٽبند ڪريو، ڌاريا آڻڻ، نئون اسرائيل ٺاهڻ بند ڪريو  ڌاڙيل راڄ نامنظور سامونڊي پٽي تي قبضو نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا. ريلي بدين جي ﷲ والا چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پھچي وڏي عوامي جلسي عام ۾ تبديل ٿي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حور النسا پليجو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري مروبت ھاليپوٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، زرقا ھاليپوٽو، علي محمد پرويز، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ناليواري اديب مير حسن آريسر، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، ايڊووڪيٽ مير بشير ٽالپر، مهراڻ درس، اياز کوسو، علي محمد ڪلمتي، ايڊوڪيٽ فاضل زئور، ايڊوڪيٽ آصف کوسو، ايڊووڪيٽ رام ڪولھي، هميرو مل ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي لال جروار چيو ته  سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن ۽ مڪانن  ڪارونجھر، گورک، کيرٿر نيشنل پارڪ، گنجو ٽڪر، ڪينجھر ڍنڍ، ھاليجي ڍنڍ، منڇر، ڀنڀور سميت سنڌ جي ٻين تاريخي ثقافتي ماڳن تي والار جاري آهي. رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي ثقافتي ماڳن تي قبضا سنڌ جو وجود ختم ڪرڻ جي سازش آهي. بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻين وڏين  رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو ويو  آھي،هن چيو ته  سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قبضو ڪري عالمي سامراجي ايجنڊا تحت سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي سازش سٽي وئي  آهي. آمريڪي سامراج جي اشارن تي فلسطينين مٿان ظلم مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي من پسند نگران سرڪار پنھنجو آئيني ڪردار ادا ڪري نوي ڏينھن اندر اليڪشن ڪرائڻ بدران  معاشي ترقي جي نالي ۾ صوبن جي وسيلن تي قبضو ڪري رھي آھي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن  ۽ نام نھاد قبيلائي  سردارن رياست اندر پنھنجي  رياست قائم ڪري ملڪ جي رٽ کي چئلينج ڪيو آھي. شڪارپور ضلعي ۾ ڌاڙيلن طرفان هڪ ايس ايڇ او ۽ پنج اهلڪارن کي اغوا ڪرڻ حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي. ڇا رياست ڌاڙيلن اڳيان ايتري بيوس ۽ لاچار آهي جو هوءَ پنهنجا اهلڪار به بچائي نٿي سگهي. نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهي اسرائيلي سلطنت قائم ڪرڻ لاءِ مهم هلائي پئي وڃي. نام نهاد اردو ميڊيا اندر صحافين جي روپ ۾ ويٺل غير جمهوري قوتن جي ملازمن کان نئين صوبي جي مهم هلائڻ وسيلي سنڌ جي وحدت ۽ وجود تي وار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غير قانوني افغانين جي واپسي جا مخالف انھن افغانين سان گڏ  افغانستان هليا وڃن. سنڌ  هڪ به غيرملڪي جو بار نٿي کڻي سگهي. 12 هزار کان وڌيڪ افغاني پاڪستاني پاسپورٽ تي سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا. انھن افغانين کي  جعلي پاڪستاني پاسپورٽ ڏيندڙ سويلين ۽ نان سويلين عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. حور النساء پليجو چيو ته بدين ضلعو معدني وسيلن سان مالا مال آھي پر ان جي باوجود بدين جو عوام بکون ڪاٽڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ سردار قانون ۽ آئين کان بالاتر بڻيل آهن. مروبت هاليپوٽو جاکرو نوحاڻي چيو ته سنڌ عالمي يتيم خانو ناهي. سنڌ ڪنھن به دهشتگرد، ڏوهاري ۽ منشيات فروش اسمگلرن جو ٺيڪو ناهي کنيو. غير قانوني غير ملڪين کي فوري سنڌ مان نيڪالي ڏئي واپس موڪليو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.