اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪسرتان شهرين کي ووٽر لسٽ ۾ نالا داخل ڪرائڻ جي اپيل ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪاغذن درستگي جي آخري تاريخ 25 آڪٽوبر آهي ۽ ان کانپوءِ ڦيرڦار ممڪن نه هوندي.
ووٽ جي منتقلي درستگي ۽ خارج ۾ صرف ڏينهن باقي آهن، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان ڏنل ڊي لائين 25 آڪٽوبر آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان شهرين کي ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ ڪاغذن جي درستگي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن جو وقت باقي آهي.
عام چونڊن جي تياري جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان ووٽر لسٽون غير منجمد ڪندي شهرين کي فهرست ۾ ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ ڪاغذن جي درستگي جو موقعو ڏنو ويو آهي، ان قدم جو مقصد وڌ کان وڌ ورٽرز کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ آهي.