تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي اتر غزا مان لڏ پلاڻ ڪندڙ قافلي تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 70 فلسطيني شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب غزا پٽي ۾ اسرائيلي ايئرفورس لڏ پلاڻ ڪندڙ کي دوکو ڏئي انهن تي وحشياڻي بمباري ڪئي. اهو قتل عام صلاح الدين اسٽريٽ ۾ ٿيو جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي اچي ويون آهن، جن ۾ ٽرڪن ۽ روڊ تي عورتن ۽ ٻارن جا رت ۾ ٻڏل لاش ڏسي سگھجن ٿا.
اسرائيل اتر غزا جي 11 لک رهواسين کي 24 ڪلاڪن ۾ علائقو خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ جڏهن عورتون، ٻار ۽ پيرسن اتان لڏ پلاڻ ڪرڻ لڳا ته رستي ۾ انهن کي نشانو بڻائي عالمي انساني حقن جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ رياستي دهشتگردي جو ثبوت ڏنو ويو. شهيدن مان گھڻو انگ ٻارن ۽ عورت جو آهي جن ۾ ٻارن جي عمر ٻه کان پنج سال آهي.
في الفيديو الأول ستشاهدون قاطرة تحمل أطفلاً ونساء، كانت ضمن قافلة كبيرة للمدنيين الذين بدأوا يتجهون نحو جنوب غزة بناء على تعليمات جيش الاحتلال الإسرائيلي الذي رسم لهم مساراً آمناً ليعبروا من خلاله
في الفيديو الثاني ستشاهدون نفس القاطرة ونفس الأطفال والنساء بعد أن قصفهم جيش… pic.twitter.com/KG3NPkOE30— قتيبة ياسين (@k7ybnd99) October 14, 2023
حماس موجب قابض فوج پهريان فلسطينين کي علائقن مان لڏڻ جو چيو ۽ پوءِ رستي ۾ سندن قافلي کي نشانو بڻائي ڪُڌو قتل عام ڪيو. اسرائيلي فوج آءِ ڊي ايف واقعي جا جاچ جو اعلان ڪيو آهي.