ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس جي هڪ ليڊي ڪانسٽيبل پوليس يونيفارم ۾ اسرائيل جي حق ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
آءِ جي سنڌ ليڊي پوليس ڪانسٽيبل جي وڊيو جو نوٽيس وٺندي وڊيو ڊليٽ ڪرائي، جڏهن ته معاملي جي جاچ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ آصف اعجاز شيخ کي ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب آصف اعجاز شيخ چيو ته ڄاڻايل ڪانسٽيبل سنبل غوري سي پيڪ جي سڪيورٽي لاءِ قائم ڪيل سنڌ پوليس جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان جو تعلق سنڌ جي شهر ميرپورخاص سان آهي.
32 سالن جي ليڊي ڪانسٽيبل اسرائيل جي حمايت ۾ يونيفارم ۾ هڪ وڊيو جاري ڪئي ته جيئن مشهور ٿي سگهي ۽ پنهنجي اڪائونٽ جي فالورز کي وڌائي سگهي.
آصف اعجاز شيخ موجب ليڊي ڪانسٽيبل کي 2019ع ۾ ڪورنگي، 2021ع ۾ ميرپورخاص ۾ پوسٽ ڪيو ويو، ليڊي ڪانسٽيبل تي اپريل 2023ع ۾ به ڏنڊ وڌو ويوهو.
سمبل ان وڊيو کي اپ لوڊ ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته اهو ڪنهن ٻئي ڪيو آهي، مون اها وڊيو جاري ناهي ڪئي.